ادارن کي پنهنجين آئيني حدن اندر رهڻ گهرجي: خواجا سعد رفيق


 ڇنڇر ۱۲ آگسٽ ۲۰۱۷    ۷ ڏينھن پھريان     ۴۹   گوجرانوالا   پرنٽ ڪيو
فاٸيل فوٽو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : گوجرانوالا: ريلوي واري وفاقي وزير خواجا سعد رفيق چيو آهي ته عوام تائين اسان جو پيغام پهچڻ شروع ٿي ويو آهي، سڀني ادارن کي پنهنجي آئيني ۽ قانوني حدن اندر رهي ڪري ڪم ڪرڻ گهرجي، هر ڀيري اهڙي صورتحال بڻائي وڃي ٿي ته چونڊيل حڪومت پنهنجو مدو پورو نه ڪري، خواجا سعد رفيق چيو ته خيبرپختون خواهه حڪومت ٽٽي رهي آهي ايندڙ چونڊن ۾ پي ٽي آءِ کي عبرتناڪ شڪست ملندي، هن چيو ته عمران خان ڪنهن جي به ڳالهه ناهي ٻڌندو، هو مڇي آهي جيڪا پٿر چٽيندي رهيندي آهي، هن جو چوڻ هو ته بلاول ڀٽو احمڪن واريون ڳالهيون ڪري رهيو آهي، هن چيو ته عوامي ووٽ سان ٺهندڙ حڪومتن کي صرف اڍائي سال يا ٽي سال جڏهن ته آمريت جي حڪومتن کي ڊگهو عرصو مهلت ملي ٿي.(۰۲)