ڪجهه ماڻهو ملڪ جا مالڪ نه ٿا ٿي سگهن: نواز شريف


 ڇنڇر ۱۲ آگسٽ ۲۰۱۷    ۷ ڏينھن پھريان     ۴۴   اسلام آباد   پرنٽ ڪيو
وزير اعظم نواز شريف مريدڪي ۾ جلسي کي خطاب ڪندي

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : گوجرانوالاٸمريدڪي: اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف چيو آهي ته ڪجهه ماڻهو ملڪ جا مالڪ نه ٿا ٿئي سگهن، پاڪستان جو اصل مالڪ ۲۰ ڪروڙ عوام آهي، مريدڪي ۾ عوامي اجتماع کي خطاب ڪندي نواز شريف چيو ته ۲۰۱۳ع ۾ نه چلهو ٻرندو هو نه ئي ڪوئي خارڪانو هلندو هو، پر اقتدار سنڀاليندي ڏينهن رات عوام جي خدمت ڪئي، روڊ ٺهرايا، موٽرويز تيار ڪرايون، ملڪ ۾ روشنيون ٻهير آيون، بجلي جي فراهمي کي يقيني بڻايو، جيڪڏهن ترقيءَ جي اها ئي رفتار رهي ها ته ايندڙ ٻن ٽن سالن اندر بيروزگاري جو مڪمل خاتمو اچي وڃي ها، چيو وڃي ٿو ته اسان نواز شريف کي نااهل ان ڪري ڪيو جو هو پنهنجي پٽ کان پگهار نه وٺندو هو، جيڪڏهن پٽ کان پگهار نه ورتي ته ڇا ٿي پيو، پر عوام جي چونڊيل اڳواڻ کي ذليل ڪري ڪڍيو ويو عوام ان فيصلي کي ڪڏهن به منظور نه ڪندو، نواز شريف چڍيو ته توهان مون کي وزير اعظم بڻائي اسلام آباد موڪليو، پر اسلام آباد وارن مون کي واپس موڪلي ڇڏيو، ڇا اها ووٽ جي توهين ناهي، ڪجهه ماڻهو پاڪستان جا مالڪ نه ٿا ٿي سگهن، هي اهي ئي ماڻهو آهن، جيڪي ووٽ جي پرچي ڦاڙي ڇڏيندا هئا، ملڪ جو اصل مالڪ ۲۰ ڪروڙ عوام آهي، پاڪستان کان علاوه ڪوئي به اهڙو ملڪ ناهي جتي تماشو ٿيندو رهي، پاڪستان کي دنيا اندر بدنام ڪيو پيو وڃي، اڳوڻي زوير اعظم چيو ته عوام جي جذبي کي ڏسي دل باغ باغ ٿي رهي آهي، عوامي جذبي کي سلام پيش ڪريان ٿو.(۰۲)