ٽيوب لائٽ جي ناڪامي تي سلمان خان ڊسٽري بيوٽر کي ۳۵ ڪروڙ ادا ڪري ڇڏيا


 ڇنڇر ۱۲ آگسٽ ۲۰۱۷    ۷ ڏينھن پھريان     ۱۸   ممبٸي   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : ممبئي: بالي ووڊ جي سپر اسٽار سلمان خان فلم ٽيوب لائيٽ جي ناڪامي تي ڊسٽري بيوٽرز کي ۳۵ ڪروڙ ادا ڪري ڇڏيا، سلمان خان جي فلم ٽيوب لائيٽ باڪس آفيس تي مڪمل طور فلاپ ٿي چُڪي آهي، فلم پنهنجي جيٽ جي رقم به مشڪل سان پوري ڪري سگهي آهي، فلم جو بجيٽ ۱۰۰ ڪروڙ کان وڌيڪ هو، پر فلم ڀارت ۾ صرف ۱۲۱ ڪروڙ ئي ڪمائي سگهي، جڏهن ته فلم جي ناڪامي تي مداحن سان گڏو گڏ سلمان خان به پريشان آهي، فلم جي گهٽ ڪمائي جي ڪري سلمان جي اسڪرين ڊسٽري بيوٽرز کي وڏو نقصان ٿيو آهي، جنهن جو ازالو ڪرڻ جي لاءِ سلمان خان انهن کي ۳۵ ڪروڙ ادا ڪيا آهن.(۰۲)