دادو ۾ صحافين پاران شهيد صحافي عظيم لغاري جي نائين ورسي ملهائي وئي


 ڇنڇر ۱۲ آگسٽ ۲۰۱۷    ۷ ڏينھن پھريان     ۳۲   دادو   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   ارباب علي رستماڻي  : دادو: دادو ۾ شهيد صحافي عظيم لغاري جي نائين ورسي جي موقعي تي صحافين ۽ عظيم لغاري جي وارثن پاران پريس ڪلب کان شهادت جي هنڌ تائين ريلي ڪڍي گلاب جي پتين جي ورکا ڪري فاتحه پڙهي ڀيٽا پيس ڪئي وئي. صحافين پاران سينيئر صحافي غلام حسين لغاري، غوث جهتيال، طارق لغاري، ولي چانڊيو، فتاح شيخ، قربان خشڪ، رضوان منگي ۽ ٻين شهيد عظيم لغاري جي ۹ هين ورسي جي موقعي تي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته عظيم لغاري کي صحافتي ذميواريون نڀائيندي سينما چوڪ وٽ گولين جو بک بڻايو ويو. هنن چيو ته شهيد عظيم لغاري جي شهادت دادو جي صحافت جي هڪ بي مثال قرباني آهي، جنهن تي صحافين جدوجهد ڪري سندس قاتلن کي گوڏا کوڙڻ تي مجبور ڪيو پر افسوس ته وارثن لاءِ ڪيل اعلانن تي ڪوبه عمل نه ٿيو سندس ڀاءُ لاءِ اعلانيل پوليس جي نوڪري ۹ سال گذرڻ باوجود نه ملي سندس ڀاءُ آءِ جي آفيس ۽ ڊي آءِ جي آفيس جا چڪر ڪاٽي ٿڪجي پيو آهي. ان کان اڳ وارثن پاران شهيد جي قبر تي پهچي گلاب جي پتين جي ورکا ڪري فاتحه پڙهي وئي. ۰۰۱