سڪرنڊ ۾ سماجي تنظيم پاران مفت طبي ڪئمپ لڳائي وئي


 ڇنڇر ۱۲ آگسٽ ۲۰۱۷    ۶ ڏينھن پھريان     ۳۵   سڪرنڊ   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   مشتاق احمد سولنگي  : سڪرنڊ: نيئن تحقيق موجب بيوٽي پارلر (ميڪ اپ گهر) ڪاري ڪامڻ واري بيماريءَ جو پڻ سبب بڻجندا آهن، اڳي حجامن جا دڪان ۽ عطائي ڊاڪٽرن پاران ساڳي سرنج استعمال ڪرڻ سان بيماري پکڙبي هئي، اهڙو انڪشاف سڪرنڊ لڳ عباسي ڳوٺ ۾ همدرد فائونڊيشن پاران تعلقا اسپتال سڪرنڊ جي سهڪار سان لڳايل مفت طبي ڪئمپ جي موقعي تي ماهر ڊاڪٽرن جي ٽيم عوام کي آگاهي ڏيندي ڪيو، جن ۾ ايم ايس ڊاڪٽر گل محمد مري، ڊاڪٽر آصف رضا بروهي، ڊاڪٽر منصور قريشي، ڊاڪٽر چيتن مل، ڊاڪٽر اي ڊي ۽ ڊاڪٽر پريم ڪيريو شامل هئا. ان موقعي تي همدرد فائونڊيشن جي باني گل محمد رند چيو ته اصل خدمت ۽ عبادت هي آهي جيڪا اسان ڪري رهيا آهيون، جس لهڻي مجيد عباسي ۽ تعلقا اسپتال جي انتظاميا جنهن هي پروگرام رٿيو، اسان اڳ به غريبن سان گڏ هئاسين هيئنر به جڏھن سڏ ڪندئو هليا اينداسين، اوهان رڳو پنهنجي جان جو قدر ڪرڻ سکو ايندڙ مهيني وري ڪئمپ لڳائبي، ان کان اڳ گل محمد رند، گل محمد مري ۽ قاضي جاويد سنائي پاران ڪئمپ جو ربن ڪٽي افتتاح ڪيو. ان موقعي تي سينيئر صحافي قادر بخش رند، خرم خانزادا، صدام انصاري، اعجاز علي، سردار ڀٽو ۽ ٻيا دوست موجود هئا. ڪئمپ جيڪا صبح ۱۰ وڳي شروع ٿي منجهند ۳ تائين هلي ان دوران لڳ ڀڳ ۷۰۰ ماڻھن جي چڪاس ۽ ويڪسينيشن ڪئي وئي. ۰۰۱