انڙ خاندان هميشه غريبن جي ڏک سک ۾ برابر جو شريڪ رهيو آهي: الله بخش انڙ


 ڇنڇر ۱۲ آگسٽ ۲۰۱۷    ۶ ڏينھن پھريان     ۴۴   ڏوڪري   پرنٽ ڪيو
ڏوڪري جو نقشو (فاٸيل فوٽو)

رپورٽ :   عبدالجبار ميمڻ  : ڏوڪري: انڙ گروپ جي سرواڻ ڏاڏي الله بخش انڙ مهراڻي شاخ لڳ ڳوٺ جيسر ۾ هالار خان جيسر جي وفات تي سندس جي پٽ علي محمد جيسر سان تعزيت ڪئي. جڏهن ته ڳوٺ سونهري ۾ غلام شبير جوڻيجو جي وفات تي سندس وارثن سان تعزيت ڪئي. موهن جو دڙو لڳ ڳوٺ امام بخش ملاح ۾ ميهر ملاح جي امڙ جي وفات تي سندس پٽ ميهر ملاح سان تعزيت ڪئي. ان موقعي تي ڏاڏي الله بخش انڙ چيو ته انڙ خاندان هميشه غريبن جي ڏک سک ۾ برابر جو شريڪ رهيو آهي. انڙ خاندان تعلقي باقراڻي ۽ ڏوڪري جي عوام جي هميشه خدمت ڪئي آهي ۽ هميشه خدمت ڪندا رهنداسين. ان موقعي تي سانڻس عبدالشڪور جوڻيجو، عنايت الله خاصخيلي، اقبال سانگهرو، سيد جمن شاهه، قيوم جوڻيجو ۽ ٻيا گڏ هئا. ۰۰۱