هنڱورجا ۾ بدامني چوٽ چڙهي وئي، هڪ ئي رات ٽن گهرن مان چوري


 ڇنڇر ۱۲ آگسٽ ۲۰۱۷    ۶ ڏينھن پھريان     ۲۳   هنڱورجا   پرنٽ ڪيو
هنڱورجا جو نقشو (فاٸيل فوٽو)

رپورٽ :    غلام حسين چانگ  : هنڱورجا: هنڱورجا ٿاڻي جي حد ۾ رات اڻڄاتل چور شفيق احمد سومرو جي گهر کي کاٽ هڻي اڍائي تولا سون، ٻه موبائل فون ۽ پنجاهه هزار رپيا روڪ چوري ڪري ويا، ساڳئي رات اڻڄاتل چور اسٽاپ تي ڊاڪٽر بشير احمد ميمن جي گهر ۾ گهڙي روڪ رقم ۽ ٻه موبائل فون چوري ڪري ويا، جڏنهن ته هاءِ اسڪول جي سامهون ارباب سومرو جي گهر جي ڇت تي لڳل ٻه سولر جون پليٽون پڻ چوري ڪري فرار ٿي ويا آهن، هنڱورجا پوليس جاءِ واردات ڏسڻ کانپوءِ چورن جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي. ۰۰۱