سيوهڻ ۾ استادن جو پروفيسر محمد صديق جويو جي گمشدگي خلاف احتجاج


 ڇنڇر ۱۲ آگسٽ ۲۰۱۷    ۶ ڏينھن پھريان     ۴۷   سيوھڻ شريف   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   اشرف عطار  : سيوهڻ: پروفيسر محمد صديق جويو اوچتو کنڀي گم ڪرڻ خلاف سنڌ پروفيسر اينڊ ليڪچررس ايسوسيئيشن سيوهڻ جي پروفيسرن نور محمد سيال، قادربخش پنهور، امداد علي خاصخيلي، عبدالقدوس چنه، ظهير احمد دائودپوٽو ۽ ٻين هنگامي اجلاس گهرائي احتجاجي مظاهرو ڪندي سيوهڻ ڊگري ڪاليج جي سامهون صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته پروفيسر محمد صديق جويو جو ڪنهن به سياسي جماعت سان واسطو نه آهي هو هڪ فرض شناس استاد ۽ اديب آهي هو هن وقت ڪيترن ئي بيمارين ۾ پڻ مبتلا آهي جنهن علاج هلندڙ آهي اهڙي حالت ۾ سندس جان کي تمام گهڻو خطرو آهي اسين سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کان مطالبو ڪيو ٿا ته پروفيسر محمد صديق جويو کي کنڀي گم ڪرڻ جو نوٽيس وٺي کين فورن آزاد ڪرائي پروفيسرن مان بيچيني ختم ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي.