ميهڙ ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ جو ڀاڻج گم، وارث پريشان


 ڇنڇر ۱۲ آگسٽ ۲۰۱۷    ۶ ڏينھن پھريان     ۴۱   ميہڙ   پرنٽ ڪيو
ميهڙ: پي ٽي آءِ اڳواڻ نياز علي ٻرڙو جو گم ٿيل ويل ڀاڻج رضوان رشيد (فاٸيل فوٽو)

رپورٽ :   جاويد سومرو  : ميهڙ: پي ٽي آءِ اڳواڻ نياز علي ٻرڙو جو ۱۷ ورهين جو ڀاڻج مئٽرڪ جو شاگرد رضوان رشيد ٻرڙو ۳ ڏينهن کان گم ٿي ويو آهي، پي ٽي آءِ اڳواڻ نياز علي ٻرڙو صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جو ڀاڻج ۳ ڏينهن اڳ شام جي ٽائيم گهران نڪري ويو هو، جنهن جي اسان ڪافي مٽ مائٽن وٽ ڳولا ڪئي آهي پر سندس اڃا تائين پتو نه پئجي سگهيو آهي، جڏهن ته اهڙو اطلاع ميهڙ ٿاڻي تي پڻ ڏنو ويو آهي، هن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد، ايس ايس پي دادو ۽ اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي ته نوجوان رضوان رشيد جي ڳولا ڪري بيچيني دور ڪئي وڃي.