نئون ديرو ۾ استادن پاران تعليمي جاڳرتا ريلي


 ڇنڇر ۱۲ آگسٽ ۲۰۱۷    ۶ ڏينھن پھريان     ۲۰   نٸون ديرو   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   رحمت اللہ موريو  : نئون ديرو: نئون ديرو ڀرسان ڪوريجا ڳوٺ ۾ ٻارڙن جي تعليم کي بهتر بڻائڻ ۽ داخل شاگردن جي حاضري وڌائڻ ۽ اسڪول کان ٻاهر ڳوٺ جي ٻارڙن کي اسڪولن ۾ داخل ڪرائڻ بابت گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول ڪوريجا جي ايڇ ايم عابدا پروين ڇڄڙو جي اڳواڻيءَ ۾ اسڪول جي استادن عبدالشڪور ڪوريجو، عرض محمد ڪوريجو، جميل احمد، ذاڪر پتافي، طفيل احمد ڪوريجو، شاهمراد ڪوريجو، ڳوٺاڻن نعمت الله ڪوريجو، خليل احمد ڪوريجو، محمد نواز ڪويجو ۽ ٻين اسڪولي شاگردن ۽ شاگردياڻين سان گڏجي هٿن ۾ بينر، پلي ڪارڊ ۽ پاڪستان جا جهنڊا کڻي اسڪول کان جاڳرتا ريلي ڪڍي “اچو ته اسڪول هلون_تعليم سڀن لاءِ هڪجهڙي” جا نعرا هڻندي ڳوٺ جي گهٽي گهٽي گهمي ۽ ڳوٺ جي درن تي وڃي والدين سان ملي کين آگاهي ڏني ته اهي پنهنجي ٻارڙن کي اسڪول کان ٻاهر نه رکن ۽ پنهنجا سڀئي ٻارڙا اسڪول ۾ داخل ڪرائين ته جيئن اهي به تعليم حاصل ڪري پنهنجو ۽ پنهنجي ڳوٺ جو مستقبل سنوارين. جنهن ڳوٺ جي ماڻهن کين ڀرپور موٽ ڏيندي يقين ڏياريو ته اهي پنهنجا ٻارڙن کي ضرور اسڪول وٺي ايندا ۽ تعليم ڏياريندا. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اسڪول جي ايڇ ايم عابدا پروين ڇڄڙو چيو ته اسان جي اسڪول ۾ ۳۰۰ کان وڌيڪ ٻارڙن جي داخلا آهي پر ان مان ۲۵۰ شاگرد حاضر رهن ٿا، جڏهن ته سوين ٻارڙا اسڪول کان ٻاهر گهٽين ۾ پنهنجو وقت ضايع ڪري رهيا آهن يا وري مزدوري ڪري رهيا آهن، جن کي اسڪول ۾ آڻي بهتر تعليم ڏيارڻ لاءِ اسان ريليءَ سان شروعات ڪئي آهي ۽ ايندڙ وقت ۾ ڀرپور ڪوششون وٺي خاص ڪري ڳوٺ جي نياڻين کي اسڪولن ۾ آڻينداسين، جنهن لاءِ اسان جو ٻيو مرحلو گهر گهر وڃي مائرن سان ملاقات ڪري انهن کي نياڻين جي تعليم بابت آگاهي ڏيڻ آهي. ڳوٺ جي رهواسي ۽ رٽائرڊ هيڊ ماسٽر نعمت الله ڪوريجو چيو ته سرڪاري اسڪولن ۾ مفت تعليم سان گڏ مفت ڪتاب به فراهم ڪيا وڃن ٿا، اسان ڳوٺاڻن کي اپيل ڪريون ٿا ته اهي پنهنجن نياڻين ۽ ٻارڙن کي اسڪول آڻين ته جيئن اهي تعليم حاصل ڪري سگهن. ۰۰۱