جيڪب آباد ۾ مڙس هٿان نوجوان زال ڏنڊا هڻي قتل، جوابدار گرفتار


 ڇنڇر ۱۲ آگسٽ ۲۰۱۷    ۶ ڏينھن پھريان     ۴۷   جيڪب آباد   پرنٽ ڪيو
جيڪب آباد: زال کي قتل ڪندڙ جوابدار مڙس اصغر علي سهرياڻي

رپورٽ :   محمد موسيٰ چانڊيو  : جيڪب آباد: جيڪب آباد جي صدر ٿاڻي جي حد سومرا شاخ ۾ جوابدار مڙس اصغر علي سهرياڻي پنهنجي ۲۵ ورهين جي نوجوان زال صابران ڌيءَ گل خان کي گهرو اڻبڻت تان ڏنڊا هڻي قتل ڪري ڇڏيو ۽ فرار ٿي ويو، اطلاع تي حد جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتولا جو لاش سرڪاري تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال جيڪب آباد منتقل ڪيو جتي ڊاڪٽرن پاران لاش پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي صدر ٿاڻي جي وڏي منشي غلام مرتضيٰ سنجراڻي ٻڌايو ته جوابدار گهرو اڻبڻت تان پنهنجي زال کي ڏنڊا هڻي قتل ڪري ڇڏيو آهي، وڌيڪ جاچ پڻ ڪري رهيا آهيون جوابدار فرار آهي، جڏهن ته اڃا تائين ڪيس به داخل نه ٿي سگهيو آهي، ٻئي پاسي پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته جوابدار کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي جنهن کان پڇا ڳاڇا جاري آهي.