لاڙڪاڻو ۾ نوجوان ناري سان ۵ جوابدارن جي مبينا اجتماعي لڄالٽ، ۲ ڄڻا گرفتار


 ڇنڇر ۱۲ آگسٽ ۲۰۱۷    ۶ ڏينھن پھريان     ۷۷   لاڙڪاڻو   پرنٽ ڪيو
لاڙڪاڻو: مبينا اجتماعي لڄالٽ جو نشانو بڻيل ناري اميران ڀٽو

رپورٽ :   ظھير ابڙو  : لاڙڪاڻو:لاڙڪاڻي شهر جي مارڪيٽ ٿاڻي جي حد درگاهه قائم شاهه بخاري ڀرسان هڪ گهر جي ڪمري ۾ پنجن جوابدارن ۱٦ سالن جي نوجوان ناري اميران ڀٽو کي مبينا طور اجتماعي لڄالٽ جو نشانو بڻائڻ بعد جوابدارن ناري کي جناح باغ واري علائقي ۾ ڦٽو ڪري ڇڏيو، مارڪيٽ ٿاڻي جي پوليس جو چوڻ آهي ته ناري سان لڄالٽ ٿي آهي، جنهن جي ايف آءِ آر به داخل ڪرائي وئي آهي، جنهن ۾ نامزد ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو آهي. پوليس وڌيڪ ٻڌايو ته معاملي جي وڌيڪ مختلف رخن کان جاچ ڪري رهيا آهيون، ان حوالي سان ميڊيڪل رپورٽ اچڻ بعد حتمي ڳالهه ڪري سگهجي ٿي.