ٽنڊوآدم عدالت پاران قتل ڪيس ۾ گرفتار جوابدار رمانڊ تي پوليس حوالي


 ڇنڇر ۱۲ آگسٽ ۲۰۱۷    ۶ ڏينھن پھريان     ۲۱   ٽنڊو آدم   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   محمد سليمان ساند  :  ٽنڊوآدم: ٽنڊوآدم لڳ ڳوٺ ڪمال ٻرڙو ۾ قتل ٿي ويل توهين رسالت ڪيس ۾ سزا ڪاٽي آزاد ٿيل شخص عطا محمد ٻرڙو جي قتل ڪيس ۾ گرفتار ٿيل ٻن جوابدارن منير بروهي ۽ مولوي بلال عرف باجن شاهه کي تعلقي پوليس ٽنڊوآدم عدالت ۾ پيش ڪيو، عدالت پاران جوابدارن کي ستن ڏينهن جي ريمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو ويو، واضع رهي ته گذريل ڏينهن مقتول جي ڀاءُ ذوالفقار ٻرڙو پاران ڄاڻايل جوابدارن تي قتل ڪيس داخل ڪرايو ويو هو. ۰۰۱