نوابشاهه ۾ مڙس ۽ ڏيرن هٿان نوجوان عورت گهٽا ڏئي قتل ڪرڻ جي ڪوشش


 ڇنڇر ۱۲ آگسٽ ۲۰۱۷    ۶ ڏينھن پھريان     ۷۲   نوابشاھ   پرنٽ ڪيو
نوابشاه؛ مڙس ۽ ڏيرن پاران تشدد جو نشانو بڻيل عورت شازيه

رپورٽ :   فدا چانڊيو  : نوابشاهه: تعلقي نوابشاهه ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ احمد صابقي ۾ ۲۳ ورهين جي شازيه زال بختيار علي ٽالاڻي کي سندس مڙس بختيار ٽالاڻي ۽ ٻن ڏيرن برڪت ۽ رسول بخش تشدد جو نشانو بڻائي ۽ کيس ڳچي ۾ رسو ٻڌي ڇپر ۾ ٽگي خود ڪشي جو رنگ ڏئي مبينا مارڻ جي ڪوشش ڪئي، انهي دوران گهر ۾ موجود شازيه جي سئوٽ ڪائنات زال برڪت علي ٽالاڻي رڙيون ۽ مزاحمت ڪري شازيه جي ڳچي مان رسو کولي سندس زندگي بچائي ورتي ۽ سندس وارثن کي اطلاع ڪيو، جنهن بعد شازيه جي امڙ مسمات راڻي، ڀائر امير بخش، علي حسن ۽ ٻيا ڳوٺ پيرتم آباد مان موٽرسائيڪلن تي پهچي مڙس ۽ ڏيرن جي تشدد جو نشانو بڻيل شازيه کي علاج لاءِ اسپتال کڻي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي ته مڙس ۽ ڏيرن شازيه کي کڻڻ تان روڪيو، پر امڙ ۽ ڀائرن پاران مزاحمت ڪري زبردستي نياڻي کي کڻي پي ايم يو اسپتال نوابشاهه ۾ داخل ڪرايو، جتي سندس حالت ڳڻتي ٻڌائي پئي وڃي، زخمي نياڻي جي امڙ مسمات راڻي ۽ ڀاءُ امير بخش ٻڌايو ته ٽي سال اڳ اسان شازيه جي بختيار ٽالاڻي سان شادي ڪرائي هئي، پر شازيه مسلسل مڙس جي تشدد جون دانهون ڏيندي رهي، جنهن تي اسان پنهنجي نياڻي پاڻ وٽ روڪي ويهاري ڇڏي ۽ بعد ۾ مڙس بختيار ۽ ٻين طرفان يقين دهاني ڪرائي ته اسان هاڻي تشدد نه ڪنداسين ۽ نه ئي وڙهنداسين، اسان اهڙي يقين دهاني کانپوءِ شازيه سندس مڙس جي حوالي ڪئي ۽ ڪجهه ڏينهن کانپوءِ اسان کي اڄ صبح فون آئي ته توهان جي ڇوڪري ٺيڪ نه آهي، توهان اچو ۽ اسان جڏهن اتي پهتاسين ته ڇوڪري پٽ تي پئي هئي ۽ ان جي حالت انتهائي ڳڻتي جوڳي هئي ۽ اسان سمجهيو ته ڇوڪري مري وئي آهي پر هن ۾ ساهه هو، اسان ان کي اتان کڻڻ جي ڪوشش ڪئي ته اسان کي کڻڻ نه ڏنو ويو ۽ اسان کي چيو ويو ته ڇوڪري مري وئي آهي، ڇو ٿا کڻي وڃو ۽ اتي ٽيڪسي وارن کي جهليو ويو ته هنن کي ڪير به نه کڻي پوءِ اسان موٽرسائيڪل تي زبردستي گهر مان کڻائي وارث علي شاهه جي موري تي پهتاسين، جتي پوليس موبائل بيٺل هئي اسان کين منٿ ڪئي ته اسان کي نوابشاهه اسپتال پهچايو، انهن چيو ته گاڏي ۾ تيل نه آهي ۽ ڊرائيور به نه آهي ۽ پوليس وارن اسان جي ڪا به مدد نه ڪئي ۽ مشورو ڏنو ته زخمي عورت کي توهان موٽرسائيڪل تي کڻي وڃو. جنهن بعد اسان نياڻي کي موٽرسائيڪل تي نوابشاهه اسپتال کڻائي آياسين، ان موقعي تي شازيه جي سئوٽ ڪائنات زال برڪت علي ٽالاڻي ٻڌايو ته شازيه تي تشدد ڪيو ويو ۽ گهٽا ڏنا ويا، ان کانپوءِ ڳچي ۾ رسو وجهي کيس ڇپر ۾ ٽنگيو ويو ۽ مون ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي ته مون کي به تشدد جو نشانو بڻايو ويو ۽ شازيه کي ٽنگي ٻاهر هليا ويا، جنهن کي مون رسو کولي هيٺ پٽ تي ويهاري ڇڏيو. هنن مطالبو ڪيو ته اسان جي نياڻي کي تشدد ڪندڙ ۽ ڦاهو ڏيندڙ جوابدارن کي فوري طور تي گرفتار ڪري اسان کي انصاف ڏنو وڃي. جڏهن ته ڊيوٽي ڊاڪٽر چيو ته هن کي ڳلي تي نشان آهن ۽ هن جي حالت خراب آهي ۽ اسان وڌيڪ ڪجهه به نٿا چئي سگهون، جڏهن ته زخمي ڇوڪري کي انتهائي نگهداشت واري شعبي ۾ داخل ڪيو ويو آهي.