ڪوئيٽا ۾ پشين اسٽاپ ڀرسان ڌماڪو،۱۷ ڄڻا فوت ڪيترائي زخمي


 ڇنڇر ۱۲ آگسٽ ۲۰۱۷    ۶ ڏينھن پھريان     ۴۳   ڪوٸيٽا   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : ڪوئيٽا: بلوچستان جي گادي واري هنڌ ڪوئيٽا ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ ۱۷ ڄڻا فوت جڏهن ته ۲۰ کان وڌيڪ ماڻهو زخمي، گاڏين کي باهه وڪوڙي وئي، ڌماڪو پشين روڊ تي هڪ گاڏي ۾ ٿيو جنهن کان پوءِ ڪيترن ئي گاڏين کي باهه وڪوڙي وئي. ذريعن موجب ڌماڪو تمام زوردار هو جنهن جي ڪري گاڏين کي باهه وڪوڙي وئي باهه سبب ڪيترائي ماڻهو سڙي زخمي پڻ ٿيا آهن. ذريعن موجب زخمين جي حالت نازڪ هئڻ ڪري فوتين جو انگ وڌي سگهي ٿو