تحريڪ انصاف طرفان نئون اپوزيشن ليڊر آڻڻ لاءِ سياسي پارٽين سان رابطا


 خميس ۱۴ ۲۰۱۷    ۱ ھفتو پھريان     ٦۴   اسلام آباد   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : اسلام آباد: تحريڪ انصاف عبوري نظام کان اڳ نئون اپوزيشن ليڊر آڻڻ لاءِ سياسي پارٽين سان رابطا شروع ڪري ڏنا آهن. هڪ خانگي ٽي وي چئنل پنهنجي رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته تحريڪ انصاف شاهه محمود شاهه کي اپوزيشن ليڊر بڻائڻ لاءِ سياسي پارٽين کان حمايت گهري ورتي آهي ۽ ان سلسلي ۾ ايم ڪيو ايم سان به رابطو ڪيو ويو آهي جنهن تي ايم ڪيو ايم صلاح مشوري لاءِ وقت گهري ورتو آهي. تحريڪ انصاف جو چوڻ آهي ته اپوزيشن پارٽيون پيپلزپارٽي خلاف متحد ٿي وڃن ته نئون اپوزيشن ليڊر اچي سگهي ٿو. واضح رهي ته قومي اسيمبلي ۾ تحريڪ انصاف وٽ ۲۷ ۽ ايم ڪيو ايم وٽ ۲۲ سيٽون آهن.