سپريم ڪورٽ ۾ پاناما نظرثاني درخواستن جي ٻڌڻي شروع ٿي وئي


 خميس ۱۴ ۲۰۱۷    ۱ ھفتو پھريان     ۵٦   اسلام آباد   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : اسلام آباد: پاناما ليڪس فيصلي خلاف نواز شريف خاندان جي نظرثاني درخواستن جي ٻڌڻي سپريم ڪورٽ ۾ شروع ٿي وئي آهي ۽ شريف خاندان جو وڪيل خواجه حارث دليل ڏئي رهيو آهي. رپورٽ مطابق پاناما ڪيس جي نظرثاني درخواستن جي ٻڌڻي ۵ رڪني لارجر بئنچ ڪري رهي آهي جنهن جي سربراهي جسٽس آصف سعيد کوسا ڪري رهيو آهي جڏهن ته بئنچ جي ٻين ميمبرن ۾ جسٽس اعجاز افضل، جسٽس عظمت سعيد، جسٽس اعجازالاحسن ۽ جسٽس گلزار احمد شامل آهن. شنوائي جي شروع ۾ ايڊوڪيٽ خواجه حارث پنهنجي دليلن ۾ چيو ته نااهلي ۽ اليڪشن ڪالعدم ٻه ڌار ڌار معاملا آهن، اثاثا ظاهر نه ڪرڻ تي اليڪشن ڪالعدم ٿيندي آهي جڏهن ته نااهلي لاءِ باقاعده ٽرائل ضروري آهي ۽ ٽرائل ۾ صفائي جو موقعو ملندو آهي ۽ ثبوت پيش ٿيندا آهن. گذريل ڏينهن درخواستگذار جي وڪيل خواجه حارث دليل ڏيندي موقف اختيار ڪيو هو ته جن ججن ڪيس ئي نه ٻڌو انهن آڏو ڪهڙا دليل ڏيان، عدالت پاڻ ئي مدعي، جاچ ڪندڙ ۽ جج بڻجي وئي جڏهن ته عدالت آبزرويشن ڏني ته اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي نااهل قرار ڏيڻ پنجن ئي ججن جو اتفاق راءِ وارو فيصلو هو، اقليتي ۽ حتمي فيصلي جا الڳ الڳ ڪارڻ ٿي سگهن ٿا پر حتمي نتيجو هڪ ئي آهي.