بابري مسجد بابت سپريم ڪورٽ جو فيصلو قبول ڪنداسين: آر ايس ايس


 خميس ۱۴ ۲۰۱۷    ۱ ھفتو پھريان     ۴۰   دھلي   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : نئين دهلي: ڀارتي انتهاپسند تنظيم آر ايس ايس جي سربراهه موهن ڀڳوت چيو آهي ته سندس تنظيم تاريخي بابري مسجد بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي تسليم ڪري وٺندي. ڀارتي ميڊيا مطابق نئين دهلي ۾ مقرر پرڏيهي سفارتڪارن جي ۵۰ رڪني گروپ سان ڳالهائيندي هن چيو ته آر ايس ايس ۽ ڀارت جي حڪمران ڀارتيا جنتا پارٽي ٻه الڳ الڳ تنظيمون آهن پر ٻئي مختلف معاملن تي هڪ ٻئي سان صلاح مشوارا ڪنديون آهن. انڊيا فائونڊيشن جي انتظام هيٺ ٿيل تقريب آر ايس ايس جي سربراهه موهن ڀڳوت جي سفارتي نمائندن سان ملاقات لاءِ ڪوٺائي وئي هئي. جنهن ۾ ڀارت جي شهري هوابازي جي وزير جيانت سنها به شرڪت ڪئي. ان سوال جي جواب ۾ ته ڇا بابري مسجد تڪرار بابت سپريم ڪورٽ جو فيصلو ايندڙ چونڊن کان اڳ اچي سگهي ٿو، موهن ڀڳوت چيو ته عدالت ان بابت هڪ رولنگ ڏيندي ۽ آر ايس ايس ان تي عمل ڪندي.