ڪلرڪهار ۾ ٽرالر ڪلٽي، ۴ ڄڻا فوت


 خميس ۱۴ ۲۰۱۷    ۱ ھفتو پھريان     ۳۵   چکوال   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : ڪلرڪهار: موٽروي ڪلرڪهار سالٽ رينچ جي علائقي ۾ ٽرالر ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ ۴ ماڻهو فوت ٿي ويا آهن. رپورٽ مطابق موٽروي ڪلرڪهار سالٽ رينچ جي علائقي ۾ ٽرالر تيز رفتاري سبب ڪلٽي ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ ۴ ماڻهو فوت ٿي ويا جڏهن ته هڪ ڄڻو خرم شهزاد زخمي ٿي پيو جنهن کي ٽراما سينٽر ڪلرڪهار منتقل ڪيو ويو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته لاشن ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. فوت ٿيلن ۾ محمد محبوب، ملڪ عابد حسين، محمد شفيق ۽ مهمند خان شامل آهن.