هانگ ڪانگ ۾ ۹۰۰ سال پراڻو پيالو اربين رپين ۾ نيلام


 سومر ۰۹ آڪٽوبر ۲۰۱۷    ۲ ھفتا پھريان     ۳٦   بيجنگ   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : هانگ ڪانگ: دنيا ۾ پراڻين ۽ ناياب شين کي پسند ڪندڙن جي ڪا به کوٽ ناهي، جنهن ڪري شوقين ماڻهو هڪ رپئي جي شئي کي به ڪروڙن ۾ خريد ڪرڻ لاءِ بيتاب ٿي ويندا آهن، اهڙي ريت هانگ ڪانگ ۾ به ۹۰۰ سال قديمي هڪ پيالي کي نمائش لاءِ پيش ڪيو ويو، جتي هڪ شوقين ان پيالي کي ۳ ارب ۸۰ ڪروڙ رپين ۾ خريد ڪري دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو آهي. واضح رهي ته هن نمائش ۾ دنيا جي آثار قديمه جي ماهرن ۽ وڏن واپارين پڻ شرڪت ڪئي هئي.