خيبرپختونخواهه، فاٽا ۽ بلوچستان جي علائقن ۾ ٽن ڏينهن واري پوليو مهم جاري


 سومر ۰۹ آڪٽوبر ۲۰۱۷    ۲ ھفتا پھريان     ۲۴   اسلام آباد   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : اسلام آباد: خيبر پختونخواهه، فاٽا ۽ بلوچستان جي مخصوص علائقن ۾ پوليو کان بچاءُ جي خاص مهم سومر تي شروع ٿي وئي جيڪا ٽن ڏينهن تائين جاري رهندي. خيبر پختونخواه جي هيلٿ ڊائريڪٽوريت موجب اها مهم صوبي جي صلعن لڪي مروت، ڊيره اسماعيل خان، ڪرڪ، ٽانڪ، بنون، هنگو ۽ ڏکڻ وزيرستان ايجنسي ۽ فاٽا ۾ شروع ڪئي وئي آهي. مهم دوران ۵ سالن تائين جي عمر جي ڏهه لک کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پياريا ويندا. بلوچستان ۾ پوليو کان بچاءُ واري مهم بار کان، جعفر آباد، نصير آباد، قلعه سيف الله، لورا لائي، زوب، ڊيره بگٽي، ڪلهلو ۽ شيراني جي صلعن ۾ شروع ڪئي وئي آهي. پوليو ايمرجنسي آپريشن سينٽر جي صوبائي رابطه ڪار سيد فيصل احمد ٻڌايو ته مهم دوران ۵ سالن تائين جي عمر جي ڇهه لک کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پياريا ويندا.