برازيل ۾ ڊولفن مڇيون پڪڙڻ لاءِ مهاڻن جي مدد ڪري ٿي


 اڱارو ۱۰ آڪٽوبر ۲۰۱۷    ۲ ھفتا پھريان     ۳۳   برازيل   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : سائو پائولو: ڊولفن کي انسانن جو دوست قرار ڏنو ويندو آهي، پر هاڻي برازيل جي آف لگونا سمنڊ ۾ لهندڙ مهاڻن کي ڊولفن ڏسڻ شرط ٻاهر نڪري اچي ٿي ۽ انهن کي مڇي پڪڙڻ ۾ مدد فراهم ڪري ٿي، ڊولفن مڇين جي موجودگي واري هنڌ جي نشاندهي ڪري غوطو هڻڻ ۽ لڪي وڃڻ جا به اشارا ڏيندي رهي ٿي، جنهن بعد مهاڻا ڊولفن جي اشارن تي عمل ڪري نشاندهي ڪيل هنڌ تي ڄار وڇائي منٽن ۾ سوين مڇين کي پڪڙي وٺن ٿا. يونيورسٽي آف سانتاڪيترينا جي ماهرن جو چوڻ آهي ته ڊولفن جي ان عمل سان ڊولفن کي به فائدو رسندو آهي، ڇو هو ڄار جي ٻاهران گڏ ٿيندڙ مڇين کي پڪڙي پاڻ کائي ويندي آهي.