دنيا ۾ نڪ جا وار وڏا رکڻ جو فيشن وڌڻ لڳو


 اڱارو ۱۰ آڪٽوبر ۲۰۱۷    ۲ ھفتا پھريان     ۵۲   لنڊن   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : لنڊن: ڳالهه ٽيڪنالاجي جي هجي يا وري فيشن جي پر هاڻي دنيا ۾ هر شعبي اندر تبديلي اچڻ سبب هر روز نيون نيون شيون متعارف ٿي رهيون آهن، جن کي ڏسي ماڻهو حيران ۽ پريشان به ٿي وڃي ٿو، ڇو ته هاڻي هڪ نئون فيشن به مارڪيٽ ۾ اچي ويو آهي جنهن تحت نوجوان ڇوڪرا توڙي نوجوان ڇوڪريون پنهنجي نڪ جي وارن کي وڏو ڪري انهن جي به ڊزائن ٺاهي رهيا آهن. ان سلسلي ۾ مختلف ڪمپنين پاران ايڪسٽينشنز به مارڪيٽ متعارف ڪرايا ويا آهن، جن مان فائدو وٺندي يورپ جي ڪيترن ئي نوجوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين پنهنجي نڪ جا وار وڏا ڪري ڊزائنون ٺاهي ڇڏيون آهن، ٻئي طرف اهڙي عمل کي سوشل ميڊيا تي تنقيد جو نشانو بڻائيندي رد ڪيو ويو آهي.