بريسٽ ڪينسر جو مرض ڏکڻ ايشيا ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي: فهميده مرزا


 اڱارو ۱۰ آڪٽوبر ۲۰۱۷    ۲ ھفتا پھريان     ۲٦   اسلام آباد   پرنٽ ڪيو
فهميده مرزا

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : اسلام آباد: قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر ڊاڪٽر فهميده مرزا چيو آهي ته بريسٽ ڪينسر جو مرض ڏکڻ ايشيا ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي، ان حوالي سان ٺوس قدمن جي ضرورت آهي، اڱاري ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ اعتراض واري نقطي تي ڊاڪٽر فهميده مرزا چيو ته آڪٽوبر ۾ بريسٽ ڪينسر جو ڏينهن ملهايو ويندو آهي، پارليامينٽ تي پنڪ لائٽس لڳايون ويون اهو قابل تعريف عمل آهي تنهن هوندي به ان کان وڌيڪ ڪرڻ جي ضرورت آهي، ڏکڻ ايشيا ۾ هي بيماري سڀ کان وڌيڪ آهي ۽ پاڪستان ۾ ان جي شرح وڌيڪ آهي، ان باري ۾ ڌيان ڇڪايو نوٽيس آندو پيو وڃي.