بليڪ تي ٽڪيٽون وڪرو ڪندڙ هينئر سنڌ ۾ هڪ لک ايڪڙ ايراضي جو مالڪ آهي: عمران خان


 اڱارو ۱۰ آڪٽوبر ۲۰۱۷    ۲ ھفتا پھريان     ۵۲   ڊيرا اسماعيل خان   پرنٽ ڪيو
عمران خان

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : ڊيرا اسماعيل خان: پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته نواز شريف چوي ٿو ته مون کي ڇو ڪڍيو ويو ته آئون ان کي ٻڌائي سگهان ٿو ته ان کي ڇو ڪڍيو ويو. ڊيرا اسماعيل خان ۾ تقريب کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته جانور ته ايترو کائيندو آهي جنهن مان ان جو ڀيٽ ڀرجي پر انسان جڏهن جانور بڻجي ويندو آهي ته کائي کائي به ان جو ڀيٽ نه ڀرجندو. عمران خان چيو ته سڄي دنيا گهمي چڪو آهيان، پاڪستان جهڙو ملڪ دنيا ۾ ڪٿي به ناهي، پاڪستان ۾ دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ تيزي سان ترقي ڪندڙ ملڪ هو، جڏهن خراب وقت اچي ته سمجهو ڪا غلطي ٿي آهي، غلطي کي سڌاريو ۽ اڳتي وڌو. هن چيو ته ۲۰۱۸ع ۾ تحريڪ انصاف پاڪستان جي سمورن صوبن ۾ حڪومت بڻائيندي، اسان کي قانون سڀني لاءِ هڪڙو ٺاهڻو آهي، ڪنهن طاقتور کي پڪڙيو وڃي ته اُهو اِهو نه چئي ته مون کي ڇو ڪڍيو ويو. هن آصف زرداري کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته آصف زرداري سينيما جون ٽڪيٽون بليڪ ڪندو هو، اڄ زرداري وٽ سنڌ ۾ هڪ لک ايڪڙ ايراضي آهي، عزير بلوچ چيو آهي ته شگر ملن تي قبضا ڪري زرداري کي ڏنيون، اڄ زرداري ۱۹ شگر ملڪن جو مالڪ بڻيو ويٺو آهي، نواز شريف ان ڪري چوندو آهي زرداري آزاد پيو گهمي ته مون کي ڇو پڪڙيو ويو آهي. عمران خان چيو ته بينظير کان پوءِ زرداري ڪاغذ ڏيکاريا ته آئون ۽ بلاول پارٽي جا سربراهه آهيون، جيڪڏهن پيپلز پارٽي ۾ ميرٽ هجي ها ته اعتزاز احسن ۽ بلاول ۾ ڪهڙو مقابلو ٿيو. هن چيو ته وڌيڪ نه پر ملڪ جا ۲ کان ۳۰۰ ارب رپيا ٻاهر پيل آهن، سپريم ڪورٽ ڪڍيو ته چون ٿا ته مون کي ڇو ڪڍيو ويو، انهن جا لنڊن ۾ وڏا وڏا گهر آهن، رڳو ٻڌائن ته پيسا ٻاهر ڪيئن ويا ۽ ڪيترا ويا. هن وڌيڪ چيو ته اسان جون سموريون پاليسيون غربت کي گهٽ ڪرڻ لاءِ آهن، اڄ سموريون پاليسيون اميرن لاءِ آهن جنهن جي ڪري امير امير ۽ غريب غريب تر ٿيندو پيو وڃي. هن چيو ته نئين مقرر ٿيل نيب چيئرمين ۾ اسان جا ڪا مشاورت شامل ناهي.