پشاور ۾ ڊينگي تي ضابطو نه آيو، وڌيڪ ۲ ڄڻا فوت، انگ ۵۲ ٿي ويو


 اربع ۱۱ آڪٽوبر ۲۰۱۷    ۲ ھفتا پھريان     ۴٦   پشاور   پرنٽ ڪيو
فاٸيل فوٽو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : پشاور: پشاور ۾ ڊينگي وگهي وڌيڪ ۲ ڄڻا فوت ٿي ويا آهن، جنهنڪري ڊينگي سبب فوت ٿيلن جو انگ وڌي ۵۲ ٿي ويو آهي، جڏهن ته مختلف اسپتالن ۾ ۱۲۱ مريضن کي داخل ڪرايو ويو آهي، ڪي پي ڪي جي مختلف اسپتالن ۾ اڃا به هزارين مريض علاج هيٺ آهن، جڏهن ته حڪومت ڊينگي تي ضابطو آڻڻ ۾ ناڪام رهي آهي، جنهنڪري شهرين ۾ ڳڻتي جي لهر ڇانيل آهي.