کنڊ جو وڌيڪ واهپو جيري لاءِ هاڃيڪار آهي: برطانوي ماهر


 اربع ۱۱ آڪٽوبر ۲۰۱۷    ۲ ھفتا پھريان     ۴٦   لنڊن   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : لنڊن: برطانوي ماهرن هڪ اڀياس بعد انڪشاف ڪيو آهي ته کنڊ جو وڌيڪ مقدار جيري لاءِ نهايت هاڃيڪار آهي. برطانيا يونيورسٽي آف سري جي پروفيسر بروس گريفن چيو آهي ته کنڊ جو جهجهو مقدار ميٽا بولزم کي متاثر ڪري ٿو جيڪو جيري تي ناڪاري اثر وجهي ٿو ۽ دل جي مرض جو سبب به بڻجي سگهي ٿو. ماهرن جو خيال آهي ته کنڊ جي وڌيڪ مقدار سان جيري جي ميٽا بولزم تي بار پوندو آهي. اڀياس لاءِ گريفن ۽ سندس ٽيم وچولي عمر جي اهڙن ماڻهن جي چونڊ ڪئي جن ۾ ۱۱ جي جيري ۾ وڌيڪ سڻڀ ۽ باقي ۱۴ ماڻهن جي جيري ۾ سڻڀ موجود هو. جيري ۾ سڻڀ جي مقدار کي الٽرا سائونڊ ۽ ٻين ٽيسٽ ذريعي معلوم ڪيو ويندو آهي جيري ۾ وڌيڪ سڻڀ جي ان ڪيفيت کي نان الڪوحلڪ فيٽي ليور ڊزيز( اي اين اي ايل ڊي) چيو وڃي ٿو. اهو ٿولهه سبب ٿيندو آهي جيڪو جيري کي تباهه ڪري سگهي ٿو ۽ ٻين ڪيترن ئي بيمارين جو سبب بڻجي سگهي ٿو. تجربي طور ماهرن مردن جي هڪ گروهه کي ٽن مهينن تائين وڌيڪ کنڊ ٦۵۰ ڪيلوريز جي برابر کنڊ کائڻ لاءِ چيو جڏهن ته باقي ماڻهن کي ان مدي ۾ گهٽ کنڊ ۱۴۰ ڪيلوريز جي برابر کنڊ يا ان مان ٺهيل شيون کائڻ لاءِ ڏنيون ويون. هاڻي انهن مان جن ماڻهن وڌيڪ کنڊ کاڌي هئي انهن جي جيري تي ٻين جي ڀيٽ ۾ سڻڀ جو مقدار وڌيل هو. جيري جو اهو سڻڀ رت ۾ به شامل ٿي ويندو آهي جيڪو دل جي مرض ۽ فالج جو سبب بڻجي سگهي ٿو. ماهرن چيو آهي ته صحتمند مرد به پنهنجي خوراڪ ۾ کنڊ کي گهٽ ۾ گهٽ ڪري ڇڏين نه ته ڪنهن وقت بعد انهن جو جيرو ان کان متاثر ٿي سگهي ٿو.