روهنگيا مهاجرن کي دست ۽ الٽي کان بچاءَ لاءِ ويڪسينيشن مهم شروع


 اربع ۱۱ آڪٽوبر ۲۰۱۷    ۲ ھفتا پھريان     ۲۱   نيويارڪ   پرنٽ ڪيو
فاٸيل فوٽو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : نيويارڪ: گڏيل قومن روهنگيا مهاجرن جي ڪيمپن ۾ دست ۽ الٽي جي امڪان بيماري کان بچاءَ لاءِ وسيع پيماني تي ويڪسينيشن مهم شروع ڪري ڇڏي آهي. جرمن نشرياتي اداري موجب اندوران بنگلاديش ۾ رهندڙ اٽڪل ساڍا ٦ لک روهنگيا مهاجرن کي اها دوا ڏني ويندي. گڏيل قومن جي صحت بابت اداري موجب اها تاريخ ۾ پنهنجي نوعيت جي وڏي طبي حفاظتي مهم آهي. عالمي صحت جي اداري موجب رڳو گذريل هفتي روهنگيا مهاجرن جي ڪيمپ ۾ ۱۰ هزار کان وڌيڪ ماڻهو دست ۽ الٽي سبب متاثر ٿيا آهن.