مستونگ روڊ تي ڪار ۽ وين ۾ ٽڪر، ٻن عورتن سوڌو ۴ ڄڻا زخمي


 اربع ۱۱ آڪٽوبر ۲۰۱۷    ۲ ھفتا پھريان     ۵۳   ڪوٸيٽا   پرنٽ ڪيو
فاٸيل فوٽو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : ڪوئيٽا: ڪوئيٽا_مستونگ روڊ تي تيز رفتاري سبب ڪار ۽ وين وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ ۲ عورتن سميت ۴ ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. ليويز موجب اربع تي ڪوئيٽا_مستونگ شاهراهه تي منگچر کان ڪوئيٽا ويندڙ تيز رفتار وين ڪار سان ٽڪرائجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ ٻن عورتن سميت ۴ ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي ليويز اهلڪارن فوري طور مقامي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو جتي کين طبي امداد ڏني پئي وڃي.