مصر ۾ قومي هيرو محمد صالح جي نالن وارن ماڻهن لاءِ مفت کاڌي جي آڇ


 اربع ۱۱ آڪٽوبر ۲۰۱۷    ۱ ھفتو پھريان     ۴۴   قاُھرہ   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : قاهره: مصر جي هڪ ريسٽورنٽ قومي ٽيم کي پنهنجي گول ذريعي روس ۾ ايندڙ فٽبال ڪپ ۾ پهچائيندڙ مصري رانديگر محمد صالح کي خراج تحسين پيش ڪرڻ جو انوکو انداز اختيار ڪيو آهي. عرب خابرو اداري موجب محمد صالح ڪواليفائنگ رائونڊ جي فيصلائتي ميچ ۾ ڪانگو جي ٽيم خلاف مصر جو ٻيو گول ڪري ۲۸ سالن کان پوءِ پنهنجي ٽيم جي عالمي ڪپ ۾ شرڪت کي يقيني بڻايو هو. مصر جي اتر اوڀر واري صوبي بحر احمر جي شهر راس غارب جي ان ريسٽورنٽ جي مئنيجر موجب انتظاميا فيصلو ڪيو آهي ته محمد صالح نالي هر شهري کي هو شهر ۾ رهندو هجي يا شهر کان ٻاهر، مفت کاڌو پيش ڪيو ويندو.