غير مناسب خوراڪ کائڻ سان هيپاٽائٽس ٿئي ٿو: حيدرآباد ۾ سيمينار


 اربع ۱۱ آڪٽوبر ۲۰۱۷    ۲ ھفتا پھريان     ۲۹   حيدرآباد   پرنٽ ڪيو
حيدرآباد: گورنمينٽ شاهه لطيف گرلز ڪاليج لطيف آباد ۾ ڪوٺايل سيمينار جو ڏيک

رپورٽ :   منصور مري  : حيدرآباد: سنڌ جي وڏي وزير جي هيپاٽائٽس کان پاڪ سنڌ پروگرام جي مئنيجر ڊاڪٽر ولي محمد لغاري چيو ته جيڪڏهن اکين ۽ جلد جو رنگ پيلو ٿيڻ، الٽي اچڻ، بک جو نه لڳڻ، ٿڪاوٽ محسوس ڪرڻ ، طبيعت ۾ سستي ٿيڻ ۽ پيشاب پيلو اچڻ شروع ٿئي ته فوري طور تي هيپاٽائٽس “بي سي” جو ٽيسٽ ڪرائڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سنڌ جي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ هيپاٽائٽس بابت آگاهي مهم جي سلسلي ۾ لطيف آباد جي گورنمينٽ شاهه لطيف گرلز ڪاليج ۾ ڪوٺايل سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته وزير اعليٰ سنڌ جو هيپاٽائٽس کان پاڪ سنڌ پروگرام شروع ڪرڻ جو بنيادي مقصد سڄي سنڌ ۾ هيپاٽائٽس جهڙي موذي مرض بابت آگاهي ۽ احتياطي تدبيرون عام ڪرڻ سميت ان بيماري جي پکيڙجڻ کي روڪڻ ۽ مرض ۾ مبتلا مريضن جو مفت علاج ڪرڻ آهي. هن شاگردياڻين سان مخاطب ٿيندي چيو ته توهان هڪ خاندان جي نمائندگي ڪري رهيا آهيو، ان ڪري توهان اڄ هيپاٽائٽس بابت حاصل ڪيل معلومات تي پاڻ به عمل ڪيو ۽ پنهنجن گهر ڀاتين کي به عمل ڪرايو. هيپاٽائٽس ڪنٽرول پروگرام حيدرآباد جي ليڊي ڊاڪٽر بسمه ميمڻ چيو ته هيپاٽائٽس مان مراد سوزش جگر آهي، ان ڪري جگر خراب ٿي سڪڙجي وڃي ٿو ۽ آخر ۾ جگر جو ڪينسر جو سبب پڻ بڻجي سگهي ٿو، گدلاڻ واري پاڻي ۽ غير مناسب خوراڪ سان هيپاٽائٽس “اَي ۽ ايِ” ٿئي ٿو جنهن کي عام طور تي پيليو چيو وڃي ٿو، هيپاٽائٽس بي ۽ سي پکڙجڻ جي بنيادي وجهه غير تصديق ٿيل رت جي منتقلي، متاثر ٿيل بليڊ جو ٻيهر استعمال، متاثر ٿيل سرنج جو ٻيهر استعمال، نڪ، ڪن ٽوپائڻ لاءِ متاثر ٿيل سوئي جو ٻيهر استعمال، متاثر ٿيل آلات ڏند سازي، عطائي ڊاڪٽر ۽ حڪيم، متاثر ٿيل مرد کان عورت ۽ عورت کان مرد آهن. ڊاڪٽر امان ا لله جتيال هيپاٽائٽس ۽ ان کان بچاءُ جي طريقن بابت ٻڌائيندي چيو ته غير ضروري انجيڪشن لڳائڻ کان پاسو ڪيو وڃي، جڏهن ته انتهائي ضروري هجي ته غير استعمال ٿيل نئين سرنج مان ئي انجڪشن لڳرائي وڃي، مستند ليبارٽري مان ٽيسٽ ٿيل (هيپاٽائٽس بي، سي ) جي جراثيم کان پاڪ رت ئي مريض کي منتقل ڪرايو، جڏهن ته تازي ڄاول ٻار جي ڄم جي ۲۴ ڪلاڪ اندر هيپاٽائٽس کان بچاءُ جو پهريون حفاظتي ٽڪو لازمي طور تي لڳرايو وڃي، اسان گڏ پاڻ ۽ پنهنجي گهرن وارن کي هيپاٽائٽس بي کان بچاءُ جا حفاظتي ٽڪا لڳرايا وڃن. سيمينار جي پڄاڻي تي مفت هيپاٽائٽس اسڪريننگ ويڪسينيشن ڪيمپ پڻ لڳائي وئي، جنهن ۾ اٽڪل ۱۰۰ کان وڌيڪ استادن، عملي ۽ شاگردن جي هيپاٽائٽس بي، سي جي مفت ٽيسٽ ۽ هيپاٽائٽس بي کان بچاءُ جا ٽڪا پڻ لڳايا ويا.