قاضي احمد جا ڪيترائي لنڪ روڊ زبون حالي جو شڪار


 اربع ۱۱ آڪٽوبر ۲۰۱۷    ۱ ھفتو پھريان     ۳۴   قاضي احمد   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   غلام حيدر بالادي  : قاضي احمد: ضلعي شھيد بينظيرآباد جي قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي ۲۱۴ ۽ ٻن صوبائي تڪن پي ايس ۲۸ ۽ پي ايس ۲٦ ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي دوري حڪومت دوران چونڊيل عوامي نمائندن کي ڪروڙين رپين جي ترقياتي ڪمن لاءِ مليل فنڊ استعمال نه ڪرڻ توڙي ترقياتي اسڪيمون نه ڏيڻ جي نتيجي ۾ ايم اين اي سيد مير غلام مصطفيٰ شاھ جي ۹ ورهين، پي ايس ۲٦ جي ايم پي اي سيد فصيح احمد شاھ جي ٻن حڪومتي دور توڙي پي ايس ۲۸ تي چونڊيل ايم پي اي بهادر ڏاهري جي چار ورهين جي دور ۾ ترقياتي ڪم نه ٿي سگهيا آھن، وفاقي توڙي صوبائي حڪومت پاران عوام جي ووٽن تي چونڊيل عوامي نمائندن جي تڪن جا لنڪ روڊ تباھ ٿيل آھن. چونڊيل نمائندا پنهنجي تڪن ۾ ترقياتي ڪم ڪرائڻ بدران غير ملڪي دورن تي ياترا ڪرڻ ۾ پورا آھن. ڄاڻايل تڪن اندر سوين ڳوٺ بنيادي سهولتن کان وانجهيل آھن. مختلف شھرن قاضي احمد، دولتپور، شاهپورجهانيان، هبيري، چنداسنگ، منهڙو، ساوڙي، بچل پور ۽ سرڪاري کوھ کان مختلف ڳوٺن ڏانهن ويندڙ لنڪ روڊ مڪمل طور تباھ ٿيل آھن، پاڪستان پيپلزپارٽي جي اعليٰ قيادت پاران اسيمبلي ميمبرن کي ترقياتي ڪمن لاءِ ڪروڙين رپيا جاري ڪيا پر سندن جي عدم دلچسپي توڙي لاپرواھي سبب ترقياتي ڪم ناهن ٿي سگهيا، سوين لنڪ روڊ تباھ آھن، سالن کان ڪچا رستا هجڻ سبب علائقي سخت ڏکاين کي منهن ڏئي رهيا آھن، پي ايس ۲۸ جي صوبائي تڪ ۾ اهم روڊ سرڪاري کوھ کان بچل پور، علي آباد کان سکپور، قاضي احمد کان لاکاٽ. ھوڏانهن پي ايس ۲٦ صوبائي تڪ جي اهم علائقن ماروجا کان ھبيري، چنداسنگ، سن ساوڙي سوڌو ٻيا مک روڊ مڪمل طور تباھ ٿي ويا آھن، گذريل اليڪشن دوران عوام سان واعدا ڪري اسيمبلين ۾ پهتل ايم اين اي توڙي ايم پي ايز ساراھ جوڳا ترقياتي ڪم ناهي ڪرائي سگهيا، سندن جون دعوائون سچ ثابت نه ٿي سگهيون آھن. اين اي ۲۱۴ تي چونڊيل ايم اين اي سيد مير غلام مصطفيٰ شاھ پنهنجي تڪ جي ووٽرن ڏانهن لڙي لوئڙو به نه هنيو، هتان جي عوام پاڪستان پيپلزپارٽي جي اعليٰ قيادت کان مطالبو ڪيو آھي ته ترت تباھ ٿيل علائقي ۾ روڊن جي مرمت ڪرائي عوام کي سفري سهولتون ڏنيون وڃن. ۰۰۱