هنڱورجا ۾ سولنگي برادري پاران نوجوان جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج


 اربع ۱۱ آڪٽوبر ۲۰۱۷    ۱ ھفتو پھريان     ۲۵   هنڱورجا   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :    غلام حسين چانگ  : هنڱورجا: ۱۷ ڏينهن اڳ ڪراچي جي سرجاڻي ٽائون ٿاڻي جي حد ۾ ڦُر دوران هٿياربندن جي فائرنگ ۾ قتل ٿي ويل ڏيپارجا واسي نوجوان نديم رضا سولنگي جي قاتلن کي گرفتار نه ڪرڻ خلاف سندس وارثن ۽ سولنگي برادري جي ماڻهن ارشد علي، امجد علي، غلام عباس، ظفر سولنگي، ڪرم سولنگي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ هنڱورجا ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو ويو، احتجاج ڪندڙن نديم رضا جي قاتلن ۽ سرجاڻي پوليس ٽائون خلاف سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي احتجاج ڪندڙن الزام لڳايو ته سرجاڻي ٽائون پوليس نديم رضا جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ کان لنوائي رهي آهي. جڏهن ته ڪجھ گرفتار ماڻهن کي به رشوت عيوض آزاد ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته مسلسل احتجاج ڪرڻ باوجود قاتلن جي گرفتاري لاءِ پوليس قدم نه کڻي رهي آهي. هنن چيو ته اسان جي ڪنهن سان به ڪا دشمني نه آهي پر پوليس واقعي کي ذاتي دشمني جو رنگ ڏئي نوجوان جو خون لوڙهڻ جي چڪر ۾ آهي، جيڪڏهن قاتلن کي گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ نه آندو ويو ته آءِ جي سنڌ جي آفيس آڏو بُک هڙتال شروع ڪئي ويندي. هنن آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا کان مطالبو ڪيو آهي ته نديم رضا سولنگي جي قاتلن کي ترت گرفتار ڪرڻ لاءِ قدم کڻي انصاف ڏنو وڃي. ۰۰۱