فيس بڪ ۽ انسٽاگرام جي سروس معطل


 اربع ۱۱ آڪٽوبر ۲۰۱۷    ۱ ھفتو پھريان     ٦۱   نيويارڪ   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : نيويارڪ: سڄي دنيا ۾ سماجي رابطن واري ويب سائيٽ فيس بڪ ۽ انسٽاگرام معطل ٿي وئي آهي، جڏهن ته ان بابت ڄاڻايل ويب سائيٽس جي انتظاميائن پاران سروس معطل ڪرڻ جو سبب توڙي ان جي بحالي بابت ڪوبه بيان سامهون نه آيو آهي. پاڪستاني وقت ۸ لڳي ۱۱ منٽن تي آمريڪا ۽ برطانيا ۾ فيس بڪ ۽ انسٽاگرام جي سروس معطل ٿي وئي، جنهن کانپوءِ سڄي دنيا ۾ آهستي آهستي اها سروس معطل ٿيندي وئي، اهڙي مسئلي کي بيان ڪرڻ لاءِ سوشل ميڊيا صارفين سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر جو سهارو ورتو ۽ پنهنجي پريشانيءَ جو اظهار ڪيو.