ڊي ايڇ او ٽنڊو محمد خان پاران شيخ ڀرڪيو ۾ عطائي ڊاڪٽرن خلاف ڪارروائي


 اربع ۱۱ آڪٽوبر ۲۰۱۷    ۲ ھفتا پھريان     ۲۸   شيخ ڀرڪيو   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   غلام مصطفيٰ ڪاتيار  : شيخ ڀرڪيو: سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي ٽنڊو محمد خان جي ڊي ايڇ او جي ٽيم پاران راڄو نظاماڻي، ڊگھ موري ۽ شيخ ڀرڪيو ۾ عطائي ڊاڪٽرن خلاف ڪارروائي، جنهن ۾ ڊاڪٽر محمد يوسف جيجو، ڊرگ انسپڪٽر شاهد احمد لغاري، ڊاڪٽر مقبول احمد ۽ شيخ ڀرڪيو پوليس پاران گڏجي ڪارروائي ڪئي وئي، ڪارروائي دروان عطائي ڊاڪٽرن جي اسپتالن کي سيل ڪيو ويو، جڏهن ته ڪيترائي عطائي ڊاڪٽر ٽيم جو ٻڌي ڪيلنڪون ڇڏي فرار ٿي ويا.