ڪيليفورنيا جي ٻيلن ۾ لڳل باهه سبب فوتين جو انگ ۲۳ ٿي ويو، سوين لاپته


 خميس ۱۲ آڪٽوبر ۲۰۱۷    ۲ ھفتا پھريان     ۲۸   واشنگٽن   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : واشنگٽن: آمريڪي رياست ڪيليفورنيا جي ٻيلن کان شهري آبادي جو رخ ڪندڙ باهه وسامڻ جو نالو ئي نٿي وٺي جنهن جي نتيجي ۾ فوت ٿيل ماڻهن جو انگ وڌي ۲۳ ٿي ويو آهي جڏهن ته ۵۵۰ ماڻهو اڃا تائين لاپته آهن. رپورٽ مطابق ٻه ڏينهن اڳ ڪيليفورنيا جي ٻيلن ۾ لڳندڙ باهه اترئين علائقن جي شهري آبادي جو رخ ڪري ورتو ۽ اها اڃا تائين وسامڻ جو نالو ئي نٿي وٺي جڏهن ته فائر فائيٽر شهرين جي اتان نڪري وڃڻ بعد باهه وسائڻ جي ڪوششن ۾ مصروف آهن. گرم ۽ خشڪ موسم کان علاوه تيز هوا باهه وسائڻ ۾ رنڊڪ آهي ۽ باهه شهري آبادي تائين پهچڻ ڪري هن مهل تائين ۳ هزار عمارتون باهه جي نذر ٿي چڪيون آهن. ڪيليفورنيا جي ۸ ڪائونٽيز ۾ ٻن درجن کان وڌيڪ هنڌن تي باهه لڳل آهي، خوفناڪ باهه اڃا تائين ۳۲۰ ڪلوميٽر ايراضي تي ۲۲ مختلف هنڌن تي پکڙيل آهي ۽ باهه سبب هڪ لک ٦۰ هزار ايڪٽر علائقو متاثر ٿيو آهي. اختيارين خدشو ظاهر ڪيو آهي ته علائقي ۾ اڄ وري اهڙي موسمي صورتحال پيدا ٿيندي جنهن ڪري باهه پکڙجڻ ۾ مدد ملندي.