دير بالا ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ زلزلي جا جهٽڪا


 خميس ۱۲ آڪٽوبر ۲۰۱۷    ۱ ھفتو پھريان     ۳۴   دير بالا   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : ديربالا: دير بالا ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا آهن، زلزلي جي شدت ۳.۵ رڪارڊ ڪئي وئي. رپورٽ مطابق اڄ صبح جو سوير دير بالا ۽ آسپاس جي علائقن ۾ زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا. زلزلي جي پيمائش ڪندڙ مرڪز مطابق زلزلي جي شدت ۳.۵ رڪارڊ ڪئي وئي آهي ۽ ان جي اونهائي ۱۵ ڪلوميٽر هئي جڏهن ته ان جو مرڪز ديربالا شهر هو. صبح جو سوير آيل زلزلي جي جهٽڪن سبب ماڻهن ۾ خوف ۽ هراس پکڙجي ويو ۽ ماڻهو ڪلمو پڙهندي پنهنجن گهرن مان ٻاهر نڪري آيا.