شيخوپورا ۾ توهين رسالت جي الزام ۾ ۳ قاديانين کي موت جي سزا


 خميس ۱۲ آڪٽوبر ۲۰۱۷    ۲ ھفتا پھريان     ۳۱   شيخوپورا   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : شيخوپوره: پنجاب صوبي جي ضلعي شيخوپوره جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ توهين رسالت جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ۳ قاديانين کي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي. عدالت جوابدارن کي ۲، ۲ لک رپين جي ڏنڊ جي سزا به ٻڌائي، جيڪڏهن انهن ڏنڊ جي رقم ادا نه ڪئي ته انهن کي ٦ مهينن جي قيد جي سزا به ڏني ويندي. شيخوپوره جي ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ميان جاويد اڪرم فيصلو ٻڌائيندي چيو ته ڀلوال سان تعلق رکندڙ ۳ قادياني پنهنجي عبادتگاهه جي ٻاهران پمفليٽ ۽ بينرز ذريعي توهين رسالت ڪئي آهي. هڪ دڪاندار رضا حسين طرفان شرقپور ٿاڻي تي انهن ٽنهي خلاف شڪايت داخل ڪرائي وئي هئي.