قوم ۱۲ آڪٽوبر جي غير آئيني قدم جا نتيجا ڀوڳي رهي آهي: شهباز شريف


 خميس ۱۲ آڪٽوبر ۲۰۱۷    ۲ ھفتا پھريان     ۳۱   لاھور   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : لاهور: پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف جو چوڻ آهي ته غير جمهوري ۽ غير آئيني قدمن جا ناڪاري نتيجا قوم ڀوڳي رهي آهي. چونڊيل حڪومت جو تختو اونڌو ٿيڻ کي ۱۸ سال مڪمل ٿيڻ تي پنهنجي بيان ۾ شهباز شريف چيو ته ۱۲ آڪٽوبر ۱۹۹۹ع جو ڏينهن سياسي ۽ جمهوري تاريخ جو ڪارو ترين ڏينهن هو ۽ ۱۲ آڪٽوبر ۱۹۹۹ تي آمراڻي قدم پاڪستان جي ترقي کي روڪڻ جي سازش هئي. شهباز شريف چيو ته جمهوري عمل کي تار تار نه ڪيو وڃي ها ته اڄ سنگين مسئلن کي منهن نه ڏيڻو پوي ها، آمراڻي حڪومتن ۾ ملڪ کي ناقابل تلافي نقصان پهتو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڊڪٽيٽر چونڊيل جمهوري حڪومت جو غير آئيني طريقي سان تخت اونڌو ڪيو، غير جمهوري ۽ غير آئيني قدم جا ناڪاري نتيجا اڄ به قوم ڀوڳي رهي آهي.