مسلمان هجڻ لاءِ ڪو نعرو هڻڻ جي ضرورت ناهي: ڊي جي آءِ ايس پي آر


 خميس ۱۲ آڪٽوبر ۲۰۱۷    ۲ ھفتا پھريان     ۵۴   ڪراچي   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : ڪراچي: ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور چيو آهي ته مون کي ڪنهن کي ثبوت ناهي ڏيڻو ته مان مسلمان آهيان ڇوجو اهو منهنجو ۽ الله جو معاملو آهي جڏهن ته مسلمان هجڻ لاءِ نعرو لڳائڻ جي ضرورت ناهي عمل سان ثابت ڪريو. ڪراچي يونيورسٽي ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته منهنجي خوشقسمتي آهي جو ڪراچي يونيورسٽي آيو آهيان، هتي اچي لڳو ته عورتن جي يونيورسٽي آيو آهيان، مون يونيورسٽي ۾ ڇوڪرين جي شرح وڌيڪ هجڻ جو سبب به وي سي کان پڇيو. سڀ کان پهريان اسان بنيادپرستي جي موضوع تي ڳالهائينداسين، بنياد پرستي جا مختلف قسم هوندا آهن، مان به بنياد پرست آهيان، پر هر بنياد پرست دهشتگرد ناهي ۽ هر دهشتگرد بنياد پرست ناهي. ڊي جي آءِ ايس پي آر وڌيڪ چيو ته مان چاهيندس ته سڀئي دنيا کي منهنجي نظر سان ڏسن ته مان بنياد پرست ناهيان، انتهاپسند ٿي ويندس، جڏهن ٻين کي پنهنجا نظريا مڃڻ تي مجبور ڪريان ته مون کي تشدد پسند يا دهشتگرد چيو ويندو. هن چيو ته پاڪستان الله جو تخليق ڪيل سڀ کان خوبصورت ملڪ آهي، جاگرافيائي لحاظ کان به پاڪستان جي اهميت سڀ کان اهم آهي، ڪنهن به ملڪ کي تباهه ڪرڻ لاءِ ان جي سيڪيورٽي فورسز کي نشانو بڻايو ويندو آهي.