ڪامران اڪمل ٻي نياڻيءَ جو پيءُ بڻجي ويو، تصويرون سوشل ميڊيا تي شيئر


 خميس ۱۲ آڪٽوبر ۲۰۱۷    ۲ ھفتا پھريان     ۳۹   لاھور   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : لاهور: قومي ڪرڪيٽر ڪامران اڪمل ٻي نياڻيءَ جو پيءُ بڻجي ويو آهي، هن اها خوشخبري پنهنجن مداحن سان سوشل ميڊيا تي شيئر ڪئي آهي. رپورٽ مطابق وڪيٽ ڪيپر ۽ بيٽسمين ڪامران اڪمل جي گهرواري ٻه ڏينهن اڳ هڪ مقامي اسپتال ۾ نياڻي کي جنم ڏنو هو، ڪامران اڪمل ٻي ڌيءَ جي پيدائش تي تمام گهڻو خوش آهي ۽ هن پنهنجي خوشي مداحن سان ورهائيندي پنهنجي ڌيءَ جون تصويرون سوشل ميڊيا سان شيئر ڪيون آهن. تصوير سان گڏ ڪامران اڪمل پنهنجي پيغام ۾ لکيو آهي ته ”الحمدالله مان هڪ ڀيرو ٻيهر نياڻيءَ جو پيءُ بڻجي ويو آهيان، الله پنهنجي رحمت جا دروازا هڪ ڀيرو ٻيهر مون تي کولي ڇڏيا، مان تمام گهڻو خوش آهيان.“ واضح رهي ته ڪامران اڪمل کي ان کان اڳ هڪ نياڻي لائبه ۽ پٽ ايان جو اولاد پڻ آهي.