لکي غلام شاهه ۽ آس پاس جي علائقن ۾ سارين جي سٽ شروع


 خميس ۱۲ آڪٽوبر ۲۰۱۷    ۱ ھفتو پھريان     ۲۳   لکي غلام شاھ   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   فھيم منگي  : لکي غلام شاھ: شڪارپور ضلعي ۾ سارين جا لابارا شروع ٿي ويا، واپارين جي هڪ هٽي ۽ سارين جو اگھ گهٽ ھئڻ ڪري هارين جا مٿي تي ھٿ اچي ويا، ساڍا ڇھ سئو کان ساڍا ست سئو في مڻ جي خريداري ٿيڻ ڪري آبادگار پريشان ٿي ويا، چڪ، لکي، رستم، کاهي، جهان خان ۽ ٻين هنڌن تي دڪاندار جا من پسند اگھ مقرر آهن، ان سلسلي ۾ آبادگارن عبدالعزيز چاچڙ، حاجن مهر، رسول بخش شر، عمر هوٿي، دلمراد بروهي، هارين عرض محمد جاگيراڻي، قوت علي، بهار خان، اربيلو مهر ۽ ٻين دانهيندي چيو ته سارين جو سرڪاري خريداري مرڪز نه هئڻ ڪري واپاري من پسند اگهن تي خريداري ڪن ٿا، ملر پنهنجو اگھ مقرر ڪن ٿا، ٻج ڀاڻ (هر) مهانگا ۽ ساريون سستيون آهن، انتهائي ظلم آھي، حڪومت سرڪاري خريداري سينٽر مقرر ڪري هارين کي حق ڏنو وڃي، ٻئي طرف ملز مالڪن ۽ واپاري اڳواڻ لکي ٽريڊ يونين جي صدر عامل مهر ۽ ٻين جو چوڻ آھي ته سارين جو اگھ ڪرڻ جو سبب چانور جو ريٽ ڪرڻ آھي، باقي سڪل ساريون ساڍا اٺ سئو کان ۹۰۰ في مڻ خريد ڪريون ٿا.