ٻار ئي مستقبل جا معمار آهن: گل محمد رند


 خميس ۱۲ آڪٽوبر ۲۰۱۷    ۲ ھفتا پھريان     ۴۲   سڪرنڊ   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   مشتاق احمد سولنگي  : سڪرنڊ: ٻار ئي مستقبل جا معمار آهن، هنن جي پڙھائي سان گڏ ذهني توڙي شعوري تربيت ڪئي وڃي ته ايندڙ نسل کي بهتري ڏانهن وڃڻ ۾ آساني پيدا ٿيندي، اسان کي فخر آهي ته حاجي غلام نبي رند انگلش گرامر اسڪول ان ۾ ڪوششون ڪري رهيو آهي، اها ڳالھ نالي واري سماج سڌارڪ ۽ همدرد فائونڊيشن جي باني گل محمد رند اسڪول جي ايم ڊي مجيد عباسي پاران سندس ٦۴ هين سالگرھ جي موقعي تي ڳالهائيندي چئي هن چيو ته تعليم انسان ۾ سمجھ پيدا ڪري ٿي، ان موقعي تي عبدالمجيد عباسي چيو ته هي اسڪول گل محمد رند جي مهرباني سان هلي رهيو آهي، جنهن ۾ اڪثريت غريب ۽ شيڊول ڪاسٽ ٻارن جي آهي، اسڪول انتظاميا پنهنجي باني جي جنم ڏينهن کي پاڻ لاءِ اعزاز سمجهي ٿي، سالگرھ تقريب ۾ قاضي جاويد سنائي، عطاءالله انڙ ۽ خرم شهزاد خانزاده پڻ شريڪ ٿيا، آخر ۾ ڪيڪ ڪاٽيو ويو، جنهن تي شاگردن پاران مهمانن مٿان گلن جي ورکا ڪئي وئي، جڏھن ته استادن ۽ شاگردن پاران گل محمد رند کي تحفا پڻ پيش ڪيا.