لاهور ۾ ماءُ سان ڪاوڙجي نوجوان خودڪشي ڪري ڇڏي


 خميس ۱۲ آڪٽوبر ۲۰۱۷    ۱ ھفتو پھريان     ۴٦   لاھور   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : لاهور: لاهور جي جهانيان واري علائقي ۾ گهريلو جهيڙي تان نوجوان شاگرد پاڻ کي باهه لڳائي خودڪشي ڪري ڇڏي، جهانيان ۾ دسار جي رهواسي غلام مرتضيٰ جو نوجوان پٽ محمد مدثر ماءُ پاران ڌڙڪا ملڻ تي پاڻ مٿان پيٽرول هاري باهه ڏئي ڇڏي، سندس ۹۰ سيڪڙو جسم سڙي ويو، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال نيو ويو، جتي هن دم ڏنو، شاگرد يارهين جماعت ۾ پڙهندڙ هو.