سنڌ جي ۲۴ هزار ليڊي هيلٿ ورڪرز کي پگهار نه ملي، احتجاج ۽ پوليو مهم جي بائيڪاٽ جو اعلان


 خميس ۱۲ آڪٽوبر ۲۰۱۷    ۲ ھفتا پھريان     ٦۳   حيدرآباد   پرنٽ ڪيو
حيدرآباد: آل سنڌ ليڊي هيلٿ ورڪرز اينڊ ايمپلائيز يونين جي مرڪزي صدر حليما ذوالقرنين، شمع گلاڻي پريس ڪانفرنس ڪندي

رپورٽ :   منصور مري  : حيدرآباد: سنڌ جي ۲۴ هزار ليڊي هيلٿ ورڪرز کي ۳ مهينن کان پگهارون نه ملي سگهيون، ۱۷ آڪٽوبر کان حيدرآباد ۾ مطالبن جي مڃتا تائين احتجاجي ڌرڻي هڻڻ ۽ ۲۳ آڪٽوبر کان شروع ٿيندڙ پوليو مهم جو بائيڪاٽ ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، ان سلسلي ۾ آل سنڌ ليڊي هيلٿ ورڪرز اينڊ ايمپلائيز يونين جي مرڪزي صدر حليما ذوالقرنين، مرڪزي جنرل سيڪريٽري شمع گلاڻي ۽ ٻين حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته کين جولاءِ کان سيپٽمبر تائين ۳ مهينن جون پگهارون نه مليون آهن. هنن چيو ته سنڌ جي ۲۹ ضلعن مان ۱٦ ضلعن جي ليڊي هيلٿ ورڪرز جون لسٽون فائنل ڪري سيڪريٽري هيلٿ کي موڪيلون ويون آهن، جيڪي هن وقت تائين سيڪريٽري هيلٿ جي ٽيبل تي پيل آهن پر انهن تي صحيح نٿي ڪئي وڃي، جنهن سبب ليڊي هيلٿ ورڪرز پگهارن کان محروم آهن، هنن چيو ته باقي ٻين ضلعن جي ليڊي هيلٿ ورڪرز جي پگهارن جون لسٽون تيار ٿي رهيون آهن، هنن چيو ته اختيارين کي اسان چيو آهي ته ليڊي هيلٿ ورڪرز کي اڪائونٽ کولي ٽريزري جي ذريعي پگهارون جاري ڪيون وڃن، هنن چيو ته کين سپريم ڪورٽ جي حڪم تي سنڌ سرڪار ريگيولر ڪيو پر اڃا تائين کين مناسب پگهارون، مراعتون نه ملي رهيون آهن، هنن چيو ته مطالبن جي مڃتا لاءِ ۱۷ آڪٽوبر تي حيدرآباد جي گدو چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويندو، جنهن ۾ سڄي سنڌ مان هزارين ليڊي هيلٿ ورڪرز شرڪت ڪنديون ۽ ڌرڻو ان وقت تائين جاري رهندو جيستائين سندن مطالبا لکت جي صورت ۾ منظور نه ڪيا ويندا، هنن چيو ته ۲۳ آڪٽوبر کان ملڪي سطح تي اين آءِ ڊي پوليو مهم پڻ شروع ٿي رهي آهي، جنهن جو اسان مڪمل بائيڪاٽ ڪرڻ جو اعلان ڪريون ٿا، هنن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته کين ٽن مهينن جون پگهارون جاري ڪيون وڃن ۽ سندن آءِ ڊيز ٺاهي ٽريزري جي ذريعي پگهارون ڏنيون وڃن.