ويٽنام ۾ ٻوڏ سبب تباهي، ۳۷ ڄڻا فوت، ۵۰ کان وڌيڪ گم


 خميس ۱۲ آڪٽوبر ۲۰۱۷    ۲ ھفتا پھريان     ٦۰   ہنوٸي   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : هنوئي: ويٽنام جي مرڪزي ۽ اترئين علائقن ۾ ٻوڏ سبب ۳۷ ڄڻا مارجي ويا آهن، جڏهن ته ۵۰ کان وڌيڪ گم ٿي ويا. عالمي خابرو اداري ويٽنامي اختيارين جي حوالي سان ٻُڌايو ته اجل جو شڪار ٿيندڙ ماڻهن ۾ ۲ سرحدي گارڊز پڻ شامل آهن جن جي گاڏي ٻوڏ جي وهڪري ۾ لڙهي وئي. ٻوڏ سبب ۱۲ هزار ايڪڙ تي بيٺل فصل تباهه ٿي ويو اهي جڏهن ته ۱۵۰۰ گهر پاڻيءَ هيٺ اچي ويا آهن.