فلم ”پدماوتي“ رليز کان اڳ ئي رڪارڊ ٽوڙڻ شروع ڪري ڇڏيا


 خميس ۱۲ آڪٽوبر ۲۰۱۷    ۱ ھفتو پھريان     ۸۲   ممبٸي   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : ممبئي: بالي ووڊ جي مشهور هدايتڪار سنجي ليلا ڀنسالي جي نئين فلم ”پدماوتي“ اڃا رليز ناهي ٿي پر ان هن وقت ئي هلندڙ سال جي بلاڪ بسٽر فلم ”باهوبلي“ جو هڪ رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو آهي. ڊپيڪا پڊوڪون ۽ رنوير سنگهه جي اها نئين فلم اڳ ۾ ئي ”باهوبلي“ کي هڪ ميدان پوئتي چڪي آهي. پدماوتي جو پهريون ٽريلر ۹ آڪٽوبر تي رليز ڪيو ويو هو ۽ ۲۴ ڪلاڪن دوران ان کي يو ٽيوب تي ۱۵ ملين کان وڌيڪ ڀيرا ڏٺو ويو آهي ۽ اهڙي طرح ان باهوبلي جو ۱۱ ملين کان وڌيڪ جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو آهي. ڄاڻايل فلم پهرين ڊسمبر تي رليز ڪئي ويندي.