ايراني ايٽمي ڊيل آمريڪا جي مفاد ۾ ناهي: ڊونلڊ ٽرمپ


 خميس ۱۲ آڪٽوبر ۲۰۱۷    ۱ ھفتو پھريان     ۴۲   واشنگٽن   پرنٽ ڪيو
ڊونلڊ ٽرمپ

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : واشنگٽن: آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ هڪ ڀيرو ٻيهر ايراني ايٽمي ڊيل تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته اها آمريڪا لاءِ شديد نقصان جو سبب آهي. جرمن خابرو اداري موجب ٽرمپ کي سڀاڻي جمعي ۱۳ آڪٽوبر تائين ان جي تصديق ڪرڻي آهي ته ايران ايٽمي ڊيل تي مناسب انداز ۾ عمل ڪري رهيو آهي يا نه. ڊونلڊ ٽرمپ فوڪس نيوز سان ڳالهائيندي ان ڊيل کي ٻيهر هڪ انتهائي نامناسب معاهدو قرار ڏيندي چيو ته ان ڊيل جي نتيجي ۾ آمريڪا جي هٿ ڪجهه به ناهي آيو. پنهنجي تازي بيان ۾ آمريڪي صدر اهو پڻ چيو ته جڏهن سڀ گڏ ۽ طاقتور هئا تڏهن ڪمزوريءَ جو مظاهرو ڪيو ويو. ٽرمپ موجب جلد ئي ان حوالي سان ڪو فيصلو سامهون اچي سگهي ٿو.