تخليقي صلاحيت ختم ٿي ته فلمي دنيا ڇڏي ڏيندس: عامر خان


 خميس ۱۲ آڪٽوبر ۲۰۱۷    ۱ ھفتو پھريان     ۵۳   ممبٸي   پرنٽ ڪيو
عامر خان

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : ممبئي: بالي ووڊ اداڪار عامر خان جو چوڻ آهي ته جڏهن سندس تخليقي صلاحيتون ختم ٿي وينديون ته هو فلمي دنيا ڇڏي ڏيندو. ميڊيا رپورٽن مطابق عامر خان پنهنجي هڪ تازي انٽرويو ۾ چيو آهي ته هڪ ڏينهن سندس تخليقي صلاحيتون ختم ٿي وينديون. هن چيو ته هو پنهنجي فلمن ۾ سچائي کي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهندو آهي ۽ ان معيار تي پورو لهندڙن کي سامهون آڻيندو آهي. عامر خان چيو ته هو ضرورت کان وڌيڪ پئسا ڪمائي ويندو ۽ ان لاءِ هن لاءِ فلمن جي ڪمائي ڪا معنيٰ نٿي رکي، هو دلين ۾ گهر ڪرڻ جو خواهشمند آهي. هن چيو ته هو فلم جي جاندار ڪهاڻيءَ تي يقين رکندو آهي ته جيئن فلم ڏسندڙن کي تفريح ملي سگهي. سال ۾ هڪ فلم ۾ ڪم ڪرڻ جي حوالي سان هن چيو ته سندس فلم هڪ سال کان ٻن سالن ۾ مڪمل ٿيندي آهي ان لاءِ هو هڪ وقت ۾ صرف هڪ ئي فلم تي ڌيان ڏئي سگهندو آهي.