سوئٽزرلينڊ ۾ هر سال ۴۳ ڪلوگرام سون گٽرن ۾ وهايو ويندو آهي: رپورٽ


 خميس ۱۲ آڪٽوبر ۲۰۱۷    ۲ ھفتا پھريان     ۹۷   جنيوا   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : جنيوا: سوئٽزرلينڊ ۾ هر سال ۴۳ ڪلوگرام سون گٽرن ۾ وهايو ويو آهي. اهو انڪشاف سوئس سائنسدانن هڪ تحقيق دوران ڪيو. انگن اکرن موجب سڄي دنيا ۾ سون جي مجموعي پيداوار جو ۷۰ سيڪڙو حصو سوئٽزرلينڊ جي ريفائنريز مان ٿي گذرندو آهي. سوئس فيڊرل انسٽيٽيوٽ آف اڪيواٽڪ سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي جي تحقيق ۾ ٻُڌايو ويو آهي ته اهو سون ويسٽ ٽريٽمينٽ پلانٽ مان گذري گٽرن ۾ وهي ويندو آهي. سون جو اهو زيان ماحول لاءِ ڪو خطرو پيدا ناهي ڪندو. اهڙيءَ طرح هر سال سوئٽزرلينڊ ۾ ٽي هزار ڪلوگرام چاندي کي پڻ گٽرن ۾ وهايو ويندو آهي. ان تحقيق دوران سوئٽزرلينڊ ۾ ٦۴ ويسٽ ٽريٽمينٽ پلانٽس جو جائزو ورتو ويو.